اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي قرضن جي ادائيگي تي ڊيفالٽ ڪرڻ جو خطرو ”هاڻي ختم“ ٿي ويو آهي ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف سطح جو معاهدو ”جلد“ ٿيندو. اهڙو اظهار هن اربع تي اسلام آباد ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي وفد کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت ڪاميابي سان ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هي ڪوششون تڏهن ڪامياب ٿينديون جڏهن سڀ ڌريون ان ۾ شامل هونديون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪومت کي اقتدار سنڀاليندي 11 مهينا ٿي ويا آهن ۽ معاشي طور تي پاڪستان ڊفالٽ جي خوف مان گذري چڪو آهي پر آءِ ايم ايف سان جيڪي معاهدا ڪيا ويا ان سان ايندڙ ڪجهه وقت ۾ شهري متاثر ٿيندا.










