ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس نه ڏيڻ جو فيصلو

ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت گيس لوڊ مينيجمينٽ تحت سخت سياري جي 2 مهينن دوران سڄي ملڪ ۾ سي اين جي اسٽيشنز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پيٽروليم واري وفاقي وزارت سياري لاءِ گيس لوڊ مينيجمينٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن موجب سخت سياري جي ٻن مهينن ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سڄي ملڪ ۾ سي اين جي اسٽيشنون بند رهنديون.اختيارين جو چوڻ آهي ته هنن 2 مهينن دوران گئس مان بجلي پيدا ڪرڻ واري گهريلو صنعت کي به بند ڪيو ويندو.پيٽروليم واري وزارت جي اختيارين موجب اهو فيصلو سياري ۾ گهريلو صارفين کي قدرتي گئس جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.اهڙي طرح چئني صوبن ۾ جيڪي صنعتون گئس مان بجلي پيدا ڪري ڪم ڪري رهيون آهن يا انهن جي ڪارخانن ۾ ڪيپٽيو پاور اسٽيشنون لڳل آهن، انهن اسٽيشنن لاءِ ڊسمبر 2024ع کان جنوري 2025ع تائين گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي ۽ اها صنعت بند ٿي ويندي. پاور ڪمپنيون به متاثر ٿينديون.خبر موجب سوئي ناردرن گيس ڪمپني لميٽيڊ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پهرين ڊسمبر 2024ع کان 31 جنوري 2025ع تائين سي اين جي اسٽيشنز بند رکڻ ۽ انهن جا گئس ڪنيڪشن ختم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو