اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرط تي هلندڙ مالي سال بجلي صارفين کان 721 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا ويندا.سيپٽمبر تائين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 1 رپيا 25 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيندي، جنهن مان 39 ارب رپيا وصول ٿيندا.سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جو اگهه 4 رپيا 37 پئسا في يونٽ ٿيندو، جنهن مان 122 ارب رپيا وصول ٿيندا، جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ سالياني 5 رپيا 75 پيسا واڌ سان 560 ارب وصول ٿيندا. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اها رقم توانائي شعبي جي گردشي قرضن کي گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي.ذريعن موجب هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2130 ارب تائين محدود ٿي ويندو جيڪو جون 2023ع تائين 2700 ارب رپيا ٿي چڪو هو.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو پلان به آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو آهي.










