ڊرون کي غير موثر ڪندڙ ليزر گن تيار ٿي وئي

ڊرون کي غير موثر ڪندڙ ليزر گن تيار ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مارڪيٽ ۾ هونئن ته ڪيترن ئي قسمن جون ڊرون گنز موجود اهن پر هي ڊرون گن خاص آهي جيڪا ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تان ڊرون کي غير موثر بڻائي سگهي ٿي. هن ڊرون گن ۾ ليزر استعمال ٿئي ٿو جيڪو ڊرون جي ڪيمرا، بارودي مواد سميت هر قسم جي مواد ۽ اوزارن کي غير فعال ڪري سگهي ٿو. هن گن ذريعي ڊرون سان پائلٽ يا کيس آپريٽ ڪندڙ جو رابطو ختم ڪري سگهجي ٿو. هن گن جو اهو به ڪمال آهي ته هي ڊرون کي پنهنجي اڏامڻ واري جاءِ تي واپس موڪلي سگهي ٿي، ڪنهن به جاءِ تي لينڊ ڪرائي سگهي ٿي پر ان کي تباهه نٿي ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو