حيدرآباد (پريس ريليز ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ دشمن ۽ سازشي آدمشماري قرار ڏيندي ان خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان سلسي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو عوامي رابطا مهم هلائڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو جنهن مطابق اعلانيل 4 مارچ تي پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ شروع ڪئي ويندي جيڪا 20 مارچ تائين جاري رهندي جڏهن 5 مارچ تي حيدرآباد، 7 مارچ تي سکر، 8 مارچ مٽياري، 10 مارچ ميرپورخاص، 11مارچ نوابشاھ ، 12 مارچ حيدر آباد 13 مارچ لاڙڪاڻو، 14 مارچ دادو، 15 مارچ ڄامشورو ، 16 مارچ عمرڪوٽ 17 بدين ۽ 18 مارچ تي ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ ۾ هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب سان گڏ اديبن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، سماجي ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو ۽ موجوده ڊجيٽل آدمشماري سان سنڌ کي درپيش خطرن ۽ نقصانن کان آگاه ڪندو 20 مارچ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪئمپ تي احتجاجي جلسي عام کي خطاب ڪندو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب چيو آهي ته هي ڊجيٽل آدمشماري سنڌين کان سندن وطن کسڻ ۽ اقتدار اعلي تي قبضو ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي هن چيو پ پ پ حڪومت جو فرض ٿئي ٿو ته فوري طور سنڌ اسيمبليءَ مان قراداد پاس ڪرائي هن سازشي آدمشماري کي روڪي نه ته هن قومي ڏوھ ۾ کيس به برابر جو شريڪ سمجهيو ويندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ هن سازش جو ڀرپور مقابلو ڪندي ۽ سازشي عناصرن کي ناڪام بڻائيندي.










