ڊاڪٽر منصور ميمڻ جي اعزاز ۾ ٽورنٽو ۾ باوقار تقريب منعقد

ڊاڪٽر منصور ميمڻ جي اعزاز ۾ ٽورنٽو ۾ باوقار تقريب منعقد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا ۾ پاڪستاني برادري ڊاڪٽر منصور ميمڻ کي پاڪستان حڪومت پاران تمغه امتياز ملڻ تي شاندار تقريب منعقد ڪئي. تقريب ۾ 100 کان وڌيڪ معزز مهمانن شرڪت ڪئي، جن ۾ پاڪستاني سفارتڪار، ڪينيڊين پارليامينٽ جا ميمبر ۽ ڪاروباري اڳواڻ شامل هئا.خاص مهمانن پاڪستان جي قونصل جنرل خليل الرحمان باجوه، ڊپٽي قونصل جنرل محمد حسن، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر فيصل ڪاڪڙ، ۽ پارليامينٽ جي ميمبر مسز اقراء خالد ڊاڪٽر ميمڻ جي قومي خدمتن ۽ پاڪستان جي مثبت تصوير کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.شرڪت ڪندڙن چيو ته هي اعزاز پاڪستاني ڊائسپورا جي ڪاميابي آهي ۽ ڊاڪٽر منصور ميمڻ جي علم، عاجزي ۽ خدمت جي علامت آهي. پنهنجي تقرير ۾، ڊاڪٽر منصور ميمڻ پنهنجي والدين، خاندان ۽ خاص طور تي پنهنجي زال ڊاڪٽر ارم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته “قوم جي خدمت ڪرڻ عبادت جو سڀ کان وڏو عمل آهي.” اها تقريب پاڪستاني برادري جي حب الوطني ۽ قومي فخر جو هڪ شاندار اظهار ثابت ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو