ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيف سيڪريٽري سنڌ جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت سنڌ جو 58 هون چيف سيڪريٽري بڻجي ويو. ياد رهي ته ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ڪمشنر ڪراچي، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سميت ٻين اهم عهدن تي رهي چڪو آهي، سيڪريٽري سروسز محمد سليم راجپوت ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري سرور غلام علي برهماڻي چيف سيڪريٽري سنڌ کي سروسز کاتي بابت بريفنگ ڏني.










