ڊاڪٽر سهيل سليم جي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ واپسي جو امڪان

ڊاڪٽر سهيل سليم جي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ واپسي جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڊاڪٽر سهيل سليم جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنسز جي عهدي تي واپسي ٿي سگهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سهيل سليم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب پي سي بي چيف ميڊيڪل آفيسر جي موجودگي ۾ ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنسز جو عهدو متعارف ڪرايو آهي.ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنسز سميت 6 پوسٽن لاءِ اشتهار پڻ جاري ڪيا ويا آهن.سيڪيورٽي اينڊ اينٽي ڪرپشن ڪنسلٽنٽ، ڊائريڪٽر ۽ جي ايم، مئنيجر سيڪيورٽي ۽ سينيئر مئنيجر اينٽي ڪرپشن کي به اشتهار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو