نئون ڪوٽ (پيارعلي نھڙيو) هيلٿ ڪئير ڪميشن سنڌ پاران عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروايون ڪرڻ ۽ عطائي ڊاڪٽر گم ٿيڻ ڪري نئون ڪوٽ جي ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جون من مستيون، اسٽيشن روڊ تي قائم راج ميڊيڪيئر اسپتال جي ڊاڪٽر اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي ڌڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڳوٺ پڌريو مورا جي رهواسين عطا الله نهڙي، عبدالغفور، رياض نهڙي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان صبح جو پنهنجن معصوم ٻارڙن کي بخار جي حالت ۾ اسپتال کڻي آياسون ڊاڪٽر اسان کي ڏسي چيو ته توهان هتان هليا وڃو اسان چيو ته ٻارڙن کي بخار آهي هنن کي چيڪ ڪريو ڊاڪٽر پنهنجي ڪرسي تان اٿي آيو اسان کي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته ڊاڪٽر جي ٿر جي بيسڪ سينٽر تي ڊيوٽي هئي جتي هو نه آيو اسان هتي آياسون ته هن اسان سان بدتميزي ڪئي آهي. هنن سيڪريٽري صحت ڊي ايڇ او ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙي ڊيوٽي چور ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










