ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڪراچي ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل مينگهواڙ جي قتل جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي غيرجانبداراڻي تحقيقات ۽ ملوث ڏوهارين کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته شهر قائد ۾ هڪٻئي پويان ديني اڳواڻن کان پوءِ وري روشني پکيڙيندڙ ماهر سرجن جو بيدردي سان قتل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سنڌ پوليس لاءِ فڪر جو مقام آهي،حڪومت شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ موثر قدم کڻي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جيد عالم سڳورن جي قتل کان پوءِ ماهر ڊاڪٽر جي قتل کان پوءِ عام ماڻهو ۽ ڪاروباري طبقو شديد عدم تحفظ جو شڪار آهي، سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين بدامني جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، پر حڪمران عوام جو تحفظ، روزگار فراهم ڪرڻ، مهانگائي جي خاتمي بدران پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ آئيني ادارن مٿان حملي آور آهن، شهر ڪراچي ۾ ٽارگٽ ڪلنگ، اسٽريٽ ڪرائم کان پوءِ ائين لڳي ٿو ڄڻ جهنگ جو قانون لاڳو ۽ شهرين کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، عوام جي کيسي مان اربين رپيا امن امان لاءِ اُڳاڙيا وڃن ٿا، پر شهرين جي قتل عام، ماڻهن جي جان، مال جو تحفظ ڪرڻ بدران حڪمران سياسي مفادن لاءِ ڄُنڊا پٽ ۾ مصروف آهن. صوبائي امير سنڌ حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر بيربل جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي في الفور گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن شهرين ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿي سگهي. هن ڊاڪٽر بيربل مينگهواڙ جي خاندان سان پڻ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏک جي گهڙي ۾ هرممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.#










