اسلام آباد(بيورو)ڊاڪٽر امير شيخ کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پوليس جو آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي.پوليس سروس آف پاڪستان جي گريڊ 21 جي اعليٰ ترين آفيسر ڊاڪٽر امير احمد شيخ کي آءِ جي آزاد ڄمون ڪشمير مقرر ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان حڪومت پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.ڊاڪٽر امير احمد شيخ جو تعلق ڪراچي سان آهي ۽ هو ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.










