ڪراچي ( ن سنڌيار) ملير جي سٽي جرنل اسپتال انتظاميا خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي، اسپتال جي ڊاڪٽر اقصيٰ پاران ٻه ڀيرا آپريشن ۾ غفلت سبب عورت موت جي ڪناري تي پهتل، ڊي ايڇ او ملير ۽ شاھ لطيف پوليس کي لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي پر ڳري رشوت عيوض ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي صحت کاتو ۽ انساني حقن جون تنظيمون نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اڳتي اچن، محمَّد رحيم ميراڻي، تفصیل موجب ملير جي ڀينس ڪالوني موڙ ويجهو نجي سٽي جرنل اسپتال انتظاميا خلاف شڪايتن باوجود ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي ڊاڪٽر اقصيٰ پاران ڊليوري لاءِ آيل عورت جو ٻه ڀيرا مبينہ آپريشن ۾ غفلت سبب 28 ورهين جي رخسانہ ميراڻي موت جي ڪناري تي پهتل انصاف لاءِ پيءُ ۽ مڙس پاران شاھ لطيف پوليس ۽ ڊي ايڇ او ملير وٽ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي ان موقعي تي متاثر عورت جي پيءُ محمَّد رحيم ميراڻي چيو ته منهنجي نياڻي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي آهي پر اسپتال عمليون رڳو ناجائز پئسا ڪمائڻ ۾ پورو آهي سندن ڪنهنجي جيئڻ مرڻ سان ڪوبه واسطو ناهي هنن وڌيڪ چيو ته حيرت جي ڳالھ آهي ته صحت کاتي ۽ حد پوليس کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون پر تنهنجي باوجود اسپتال انتظاميا خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جعلي سنٽر ۽ اسپتالون کولي عطائي ڊاڪٽر ويهاري رڳو انساني جانيون ضايع ڪيون پيون وڃن پر کائون ڪير به پڇاڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، متاثرن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعليٰ سنڌ صحت کاتي سميت انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته اسان سان ٿيل ويڌن جو نوٽيس وٺي انصاف جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي،










