ڊاڪٽرن جو وظيفو وڌائڻ واري درخواست تي ميئر کي  نوٽيس

ڊاڪٽرن جو وظيفو وڌائڻ واري درخواست تي ميئر کي نوٽيس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عباسي شهيد اسپتال جي هائوس جاب ڊاڪٽرن جي وظيفي ۾ واڌ بابت درخواست تي ميئر ڪراچي ۽ ٻين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ عباسي شهيد اسپتال جي هائوس جاب ڊاڪٽرن جي درخواست جي ٻڌڻي دوران ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪي ايم سي عباسي شهيد اسپتال جي هائوس جاب ڊاڪٽرن کي 45 هزار وظيفو ڏئي رهي آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ هائوس جاب ڊاڪٽرن جو وظيفو 69 هزار آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان (ايس سي پي) به حڪم ڏنو آهي ته اسان جو وظيفو مقرر ڪيو وڃي.ٻئي طرف وڪيل ميئر ڪراچي ملڪ الطاف چيو ته ڪي ايم سي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب وظيفي ۾ واڌ نه ٿي ڪري سگهي، ڪراچي ميونسپالٽي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو صوبائي قانون جي ماتحت ناهي.ٻڌڻي دوران عدالت ميونسپل فنانس ڪمشنر کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي پڇاڻو ڪيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ افضل زيدي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي.عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو