لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽرن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب عمران خان ڊاڪٽرن کان سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ملڻ بعد پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ جلسن ۾ شرڪت ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان سڀاڻي چونڊ مهم دوران پنهنجي سياسي پلان جو اعلان ڪندو، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊ جلسن جو شيڊول تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.










