ڊان اخبار جي گهيراءَ خلاف سڄي ملڪ ۾ صحافين جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊان اخبار جي اسلام آباد آفيس جي گهيراءَ ۽ ڌمڪين خلاف سڄي ملڪ ۾ صحافين جو احتجاج، دفاع پاڪستان نالي تنظيم پاران ڏنل ڌمڪين جي مذمت ڪئي وئي. ڪراچي يونين آف جرنلسٽس، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس پاران ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويو. جڏهن ته اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي جلوس ڪڍي ان کي صحافت ۽ اظاهر راءِ جي آزادي تي حملو قرار ڏنو ويو. ڊان جي ايڊيٽر ظفر عباس ڪراچي ۾ احتجاجي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته ڊان ۾ تازو لنڊن ۾ ٿيل دهشتگردي ۾ ملوث عثمان خان جي خاندان جو پاڪستان سان تعلق هئڻ جي خبر شايع ڪرڻ تي ڊان اسلام آباد آفيس جو ڪيترائي ڪلاڪ گهيرءُ ڪري اسٽاف کي يرغمال رکيو ويو ۽ ملڪي ادارن خلاف بغاوت جا الزم هڻندي ڌمڪيون ڏنيون ويون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي ڊان غلط ڪيو آهي ته قانون موجود آهي ۽ بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو به قانون آهي پر اهو ڪنهن کي حق ڪيئن حاصل آهي ته ڪو قانون هٿ ۾ کڻي.  هن چيوته اڄ ڊان خلاف ڪاروائي ٿي آهي سڀاڻي ٻين خلاف ٿيندي ۽ اها ميڊيا کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي ان ڪري سڀني کي گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته اڳ ۾ جيو نيوز ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ٿي ته هر ڪنهن ايئن چيو ته اسان جو ڇا؟ اهو رويو ميڊيا هائوسز کي ترڪ ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو