ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمريڪي ڊالر هاڻي غير مستحڪم ٿيڻ کانپوءِ مهانگو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستاني رپيو هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽجي رهيو آهي. انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر 58 پئسا مهانگي کانپوءِ 224 رپيا 20 پئسا ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ مثبت شروعات
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت انداز ۾ ٿي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 154 پوائنٽس وڌي 41920 تي پهچي ويو.










