ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ ايم ايف سان ڊيل بعد روپئي جي قدر ۾ اضافو جاري آهي ۽ اڱاري تي انٽربينڪ ۾ پاڪستاني رپيو آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ 15 رپيا وڌي ويو. فاريڪس ايسوسي ايشن آف پاڪستان موجب مقامي ڪرنسي جي قدر ۾ 15 رپين جو اضافو صبح جو رڪارد ٿيو ۽ 10.55 روپين جي لاٿ مارڪيٽ بند ٿيڻ وقت ترڪارد ڪئي وئي. گذريل ڏينهن ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو 285.99 تي بند ٿيو هو. پاڪستان ۾ غير يقيني واري صورتحال دوران في ڊالر 312 روپيا تائين ريٽ وڌيو هو. حڪومت جي دعويٰ آهي ته روپئي جو اصل قدر 244 آهي. بلوم برگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيڻ بعد ڊالر اڍائي سو جي لڳ ڀڳ رهندو.










