ڊالر جي قيمت ۾ اڄ به اضافو جاري، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ مسلسل اضافو اڄ به نه رڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني رپيو ان جي مقابلي ۾ پنهنجي قدر وڃائي رهيو آهي.اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر به مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 6 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 224 رپيا 24 پئسا ٿي ويو آهي.گذريل هفتي جي آخري انٽر بئنڪ ٽريڊ سيشن ۾ ڊالر 223 رپيا 94 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ئي مندي جو رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 707 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 42229 تي اچي ويو آهي.اسٽاڪ ايڪسچينج جي ماهر محمد سهيل موجب سود جي شرح ۾ غير متوقع واڌ تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ منفي رجحان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو