ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي،انٽربينڪ ۾ 221 روپي جو ٿي ويو

ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي،انٽربينڪ ۾ 221 روپي جو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ڏٺو پيو وڃي.سومر تي ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو ۽ واپار دوران ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. سومر تي ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 215.20 رپيا تي بند ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا 80 پئسا مهانگو ٿي ويو، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 218 رپيا 50 پئسا ٿي وئي.واپار دوران ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو ۽ ان جي قيمت ۾ مجموعي طور تي 5 رپيا 80 پيسا جو اضافو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڊالر جي قيمت 221 رپين تائين پهچي وئي آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رپيا مهانگو ٿي 222 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو