ڊالر اڄ سستو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڊالر اڄ سستو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جيڪو ڪالهه انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ مهانگو هو، اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي سستو ٿيڻ لڳو،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 91 پئسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 276 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 41 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 94 پوائنٽس وڌي 43647 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 43,552 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو