ڊار جو سعودي ھم منصب سان رابطو، علائقائي صورتحال تي ڳالهيون

ڊار جو سعودي ھم منصب سان رابطو، علائقائي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري اهم علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ-سعودي برادرانه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم کي ورجايو. ان موقعي تي خطي ۾ تيزي سان ٿيندڙ تبديلين ۽ تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ مستقل امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ سفارتڪاريءَ جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو