لبنان مٿان  بمباري تي ڳڻتي،جنگبندي تي عمل ڪرڻ تي زور

لبنان مٿان بمباري تي ڳڻتي،جنگبندي تي عمل ڪرڻ تي زور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان کي ٽيليفون ڪيو ۽ لبنان تي بمباري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم ۽ سعودي پرڏيهي وزير خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگ بندي جي خلاف ورزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن جنگ بندي جي مڪمل احترام ۽ عمل درآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.ان موقعي تي، نائب وزيراعظم پائيدار امن لاءِ سعودي عرب جي حمايت جي تعريف ڪئي، ۽ ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي کي برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو