سيمي جمالي جي جنازي نماز ادا،مٽي ماءُ حوالي

سيمي جمالي جي جنازي نماز ادا،مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي جناح اسپتال جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي لاڏاڻو ڪري وئي.خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سيمي جمالي ڪيترن ئي ڏينهن کان خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي.ڊاڪٽر سيمي جمالي پنهنجي طبي تعليم نوابشاهه مان مڪمل ڪئي ۽ ٿائلينڊ مان ماسٽر آف پبلڪ هيلٿ مئنيجمينٽ جي ايڊوانس ڊگري حاصل ڪئي.1988ع ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ آر ايم او طور شامل ٿيو.1995ع ۾ کيس ڪراچي جي جناح اسپتال جي حادثن واري کاتي جو انچارج مقرر ڪيو ويو.ڊاڪٽر سميع جمالي 2010ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جو جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو.هوء 6 سالن کان پوءِ ڪراچي جي جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو