ڊائريڪٽر ٽيڪس واٽر بورڊ عبدالعزيز کوسو پنهنجي عهدي تان ريٽائرڊ

ڊائريڪٽر ٽيڪس واٽر بورڊ عبدالعزيز کوسو پنهنجي عهدي تان ريٽائرڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ريڪوري روينيو جنريشن ڊپارٽمينٽ جي سينيئر ڊائريڪٽر ٽيڪس ڊسٽرڪٽ سينٽرل عبدالعزيز کوسو پنهنجي عهدي تان ريٽائرڊ ٿي ويو، ان موقعي تي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ريڪوري روينيو جنريشن واٽر بورڊ محمد ثاقب، اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين واٽر بورڊ نديم احمد ڪرماڻي سميت آر آر جي ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن پاران ريٽائرڊ ٿيندڙ سينيئر ڊائريڪٽر ٽيڪس عبدالعزيز کوسو لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو تہ عبدالعزيز کوسو پنهنجي ملازمت دوران پنهنجا فرائض ايمانداري سان سرانجام ڏيندي واٽر بورڊ جي آمدني وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڊي ايم ڊي آر آر جي محمد ثاقب جو وڌيڪ چوڻ هو تہ عبدالعزيز کوسو جون واٽر بورڊ جي لاء ڪيل خدمتون هميشہ ياد رکيون وينديون، ان موقعي تي عبدالعزيز کوسو چيو تہ آئون پنهنجي اعليٰ آفيسرن سميت سمورن ساٿين ۽ دوستن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي نوڪري دوران ھميشہ منهنجي حوصلا افزائي ۽ مدد ڪندي منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان ۽ هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي تہ توهان سڀني کي الوداع ڪجي ڇو تہ اڄ منهنجي نوڪري جو آخري ڏينهن آهي، هن وڌيڪ چيو تہ منھنجون توهان سڀني ۽ منهنجي اداري ڪراچي واٽر بورڊ جي لاءِ ھميشہ دعائون ۽ نيڪ تمنائون رھنديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو