ٽنڊومستي (رپورٽ: نادر علي اڄڻ) ڳوٺ محمد سکيل اڄڻ ۾ پورهيت دوست محمد اڄڻ جي دڪان جي ڀت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان محمد عرس ۽ نينگر جيئڻ خاتون اڄڻ موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻنهي فوتين جا لاش وارثن پاران اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي ان ڏس ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڀاءُ، ڀيڻ گھر ٻاهران راند کيڏي رهيا هئا ته ڀت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن ۾ هو ٻئي دٻجي فوت ٿي ويا آھن.










