ڇتي ڪتي جو شاگردن تي حملو پنج شاگردن کي ڏاڙهي وڌو

ڇتي ڪتي جو شاگردن تي حملو پنج شاگردن کي ڏاڙهي وڌو

ٽنڊو محمد خان( رپورٽ مظفر علي بروهي) شيخ ڀرڪيو ڀرسان گورنمنٽ پرائمري بوائيز اسڪول سومرڪي موري ۾ اسيمبلي دوران ڇتي ڪتي جو اوچتو شاگردن تي حملو، ڇتي ڪتي پنج معصوم شاگردن 6 ورهين جي ارشاد کوسو 7 ورهين جي ساجد علي کوسو 8 ورهين جي عبدالعلي کوسو ۽ 9 ورهين ممتاز علي کوسو  11  ورهين جي ڪيول ڪولهي کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو شيخ ڀرڪيو ۽ ڊگهه موري اسپتالن ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ جي بچا جي ويڪسين نه هئڻ ڪري زخمي ٻارن کي ٽنڊو محمد خان اسپتال نيو ويوهوڏانهن معصوم ٻارن کي زخمي ڪرڻ ۽ ڇتي ڪتي جي حملي خلاف اسڪول جي استادن ۽ شاگردن هيڊ ماستر غلام حسين ملاح عبدالسلام  خاصخيلي نديم احمد نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي انهن ميڊياسان ڳالاهيندي چيو ته اسڪول ۾ گنجائش  کان وڌيڪ شاگرد هئڻ ڪري وڏي عرصي کان وڻ جي هيٺيان ٻارن کي تعليم ڏئي رهيا آھيون گرمي ۽ سردي ۾ ٻار وڻن ھيٺيان تعليم پرائڻ تي مجبور آھن انهن چيو ته اڃ دوران اسيمبلي ڇتي ڪتي ٻارن تي اچانڪ حملو ڪري وڌو ۽ پنج ٻارن کي زخمي ڪري ڇڏيو جن ٻارن کي مقامي اسپتالن ۾ ويڪسين نه هئڻ ڪري ٽنڊو محمد خان نيو ويو آھي انهن چيو ته اسان سنڌ سرڪارچونڊيل نمائيندن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا گورنمنٽ پرائمري اسڪول سومرڪي موري ۾ اضافي ڪمرا ۽ چوديواري ڏياري معصوم ٻارن جون زندگيون بچايون وڃن ۽ شيخ ڀرڪيو ڊگه موري ۾ جلد ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو