ڇتن ڪتن جو حملو، 7 معصوم ٻارڙا زخمي، اسپتال داخل

ڇتن ڪتن جو حملو، 7 معصوم ٻارڙا زخمي، اسپتال داخل

شيخ ڀرڪيو( مظفر علي بروهي) ڳوٺ علي بخش چانڊيو ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن حملو ڪري 12 ورهين جي ظھير، 4 ورهين جي محمد علي، ٽن ورهين جي عمير ڪشميري، سميت 7 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو جن جو حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان جي اسپتالن  مان اعلاج ڪرايو پيو وڃي. ڇتي ڪتن جي آزار ۽ معصوم ٻارڙن کي ڏاڙھڻ جي باوجود ٽنڊي محمد خان جي ضلع ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي ڪن تي جون به نه سري انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي.

ڳوٺاڻن حافظ ظھور ڪشميري، عرفان علي ڪشميري ضياءُ الدين ڪشميري جي اڳواڻي ۾  مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو دانهيدي چيو ته ڳوٺ ۾ رول ۽ ڇتن ڪتن زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آھي مسجدن ۽ اسڪولن ۾ ويندڙ ٻارڙن تي حملا ڪري زخمي ڪن ٿا ڪتن جي خوف کان مائٽن ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. هنن ڊي سي ٽنڊو محمد خان، ضلع چيئرمين، ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو محمد خان جي چيئرمين  کان مطالبو ڪيو آهي ته رول ۽ ڇتن ڪتن کي زهر ڏئي نه ماريو ويو ته ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو