ڇا ڪاري ويگو هندستاني جاسوسن کي ڳولي رهي هئي؟ مونس الاهي

ڇا ڪاري ويگو هندستاني جاسوسن کي ڳولي رهي هئي؟ مونس الاهي

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کانپوءِ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي به گجرات ۾ سندس رهائشگاهه ڪنجري هائوس تي ڇاپي جي سخت مذمت ڪئي آهي.پنجاب پوليس جي ڪيترن ئي گاڏين گجرات ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پروزي الاهي جي رهائشگاهه ڪنجري هائوس تي ڇاپو هنيو ۽ ملازمن کان پڇا ڳاڇا ڪئي.ان سلسلي ۾ چوڌري پروزي الاهي جو چوڻ هو ته پوليس ملازمن سان زيادتي ڪئي، سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين.هاڻ ان حوالي سان مونس الاهي به سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته گذريل رات گجرات ۾ پوليس اسان جي گهر تي ڇاپو هنيو، نه ڪو وارنٽ هو ۽ نه ئي ڪو ڪيس، پوليس جون 25 گاڏيون آيون هيون.مونس الاهي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته 25 پوليس ڪارون سمجھ ۾ اچن ٿيون پر 2 ڪاريون ڪارون گڏجي ڇا ڪري رهيون هيون؟ ڇا هندستاني جاسوس جاسوس ڳولي رهيا هئا؟

پهنجو تبصرو موڪليو