ليکڪ: عارفا نور
2025 جي آخري هفتن جي خبرن ۾ شور ۽ ٻڙڌڪ کان پري، هڪ اهم بيان ڏانهن ڪافي ڌيان نه ڏنو ويو. گذريل مهيني اسلام آباد ۾ هڪ ڪاروباري تقريب دوران، ايس آءِ ايف سي جي قومي هم آهنگ ساز ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد چيو ته پاڪستان وٽ ترقي جو ڪو به منصوبو ناهي؛ ۽ اهو به چيو ته پاڪستان پنهنجي مالي معاملن کي ڇيهو رسايو آهي. هن چيو ته حڪومت کي بس ٽيڪس وڌائڻ جو ئي خيال ٿو اچي ۽ اشارو ڪيو ته ڪاروباري برادري آسان شڪار آهي، ڇاڪاڻته اهي اڳ ئي نيٽ ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڳرا ٽيڪس اندروني ۽ بيروني سيڙپڪاريءَ کي روڪين ٿا. ٽيڪس گهٽائڻ جي ضرورت بابت ڳالهائيندي، هن چيو ته ‘رواجي ڪاروباري رويو’ هاڻي نه هلندو. ساڳي ويهڪ ۾ وڌيڪ ڳالهيون به ٿيون، جن کي ٻين ڪاروباري تقريبن جي تقريرن کان وڌيڪ ڌيان مليو. ڪيترن هن کي ان ڳالهه جي سڃاڻپ سمجهيو ته معيشت سٺي نه هلي رهي آهي ۽ نه ئي اها پائيدار آهي.
هن ملڪ جي دائمي شهري يعني سول-فوجي رقص کي ذهن ۾ رکندي، اڪثر سرگوشيون هيون ته ڇا هي اصل ۾ حڪومت تي تنقيد هئي؟ آخرڪار، حڪومت ۾ ويٺل شهري اڳواڻ، وزيراعظم سميت، معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪاميابي جون دعوائون ڪرڻ کان نٿا رڪجن. تقريب کان لڳ ڀڳ ٻن هفتن بعد، هڪ خبر موجب وزيراعظم چيو ته معيشت خطري مان نڪري چڪي آهي ۽ وڏا اشاري شاندار آهن.
پر جيڪڏهن اسلام آباد جي ڳالهين تي اعتبار ڪجي ته معيشت بابت ڳڻتيون حقيقي آهن. شايد اوتريون ئي حقيقي، جيتريون 28هين ترميم ۽ اين ايف سي جي نئين ورهاست بابت ڳالهيون. ۽ هن کي وڌيڪ وزن بلاول ڀٽو-زرداري جي پنهنجي والده جي ورسي واري خطاب سان مليو، جتي هن گڏيل حڪومت جي مالي بار ۾ حصيداريءَ جي آڇ ڪئي. ايترو به چئي سگهجي ٿو ته شايد هو حڪومت ۽ ٻين ڌرين ڏانهن پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
گهڻا هن ڳالهه تي متفق آهن ته اقتدار وارا عام شهرين لاءِ اقتصادي رليف ڏيڻ جي دٻاءَ هيٺ آهن — گهٽ ٽيڪسن، گهٽ بجلي بلن ۽ وڌيڪ روزگار جي موقعن جي صورت ۾. هي ضروري پڻ آهي، ڇاڪاڻته آزاد ۽ منصفاڻي چونڊ جي غير موجودگيءَ ۾ جواز حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو رستو ناهي.
حقيقت ۾، وزيراعظم شهباز شريف جي اپوزيشن سان ڳالهين جي آڇ (ڪابينا وزيرن طرفان پي ٽي آءِ خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ کان پوءِ) کي به معيشت جي وڏي سياق ۾ سمجهيو پيو وڃي. اقتدار وارا محسوس ڪن ٿا ته اپوزيشن سان ڳالهين جي آڇ ضروري آهي، ڇاڪاڻته انهن کي خبر پئجي وئي آهي ته هو معاشي محاذ تي گهڻو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيا آهن. اپوزيشن ۾ به ڪي هن کي اهڙي زاويي سان ڏسن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جون اميدون گهڻيون ناهن.
جيڪڏهن اسلام آباد جي ڳالهين تي اعتبار ڪجي ته معيشت بابت ڳڻتيون واقعي ۾ موجود آهن. انهن سمورن بيانن جي ٽائمنگ، ڳالهين جي آڇ سميت، به اهم آهي. ڇوتہ تازين آئيني ترميمن، طاقت جو مرڪز ٿورن هٿن تائين يقيني بڻايو آهي ۽ عدليه، ميڊيا ۽ اپوزيشن مان ايندڙ ڪنهن به چيلينج کي زور ۽ جلدي قانون سازيءَ سان ڪاميابيءَ سان دٻايو ويو آهي. اهو سڀ ڪجهه ماڻهن ۽ انهن جي ڀلائيءَ جو گهڻو خيال رکڻ کان سواءِ ڪيو ويو. نتيجي طور، هاڻي نه ڏيڻ جو ڪو سبب نه بچيو آهي: عام ماڻهن لاءِ اقتصادي رليف حڪمران سيٽ اپ جي ڀلائي لاءِ لازمي ٿي ويو آهي. هن کي وڌيڪ وزن انهن ‘ريپورٽن’ سان ملي ٿو، جن ۾ چيو ويو ته حڪومت جا ‘ٻه پاسا’ گڏ ويهي معيشت ۽ ان جي بهتري تي ڳالهايو.
حقيقت ۾، ايس آءِ ايف سي جي عملدار بابت چيو ويو ته حڪومت ۾ ٽيڪسن گهٽائڻ تي اتفاقِ راءِ آهي. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي اتفاقِ راءِ روشني کان پري ڪيل ڪجهه گڏجاڻين ۾ ٺهيو. پر ٿورا ئي (حڪومت کان ٻاهر) هن تي يقين رکن ٿا ته هي ٿي سگهندو. معاشيات کي سمجهندڙ نشاندهي ڪن ٿا ته حڪومت اڃا تائين ڪو به سڌارو نه ڪيو آهي. هتي ئي ڪجهه اهي ماڻهو، جن کي اسلام آباد ۾ هلندڙ اقتداري راندين جو تجربو آهي، محسوس ڪن ٿا ته شايد حڪومت کي گهر موڪليو وڃي—جمود زدہ معيشت جو ڏوهي بڻائي. سندن خيال آهي ته هي سيٽ اپ لاءِ ڪو عوامي سهارو کڻي نه آيو آهي، ۽ جيڪڏهن معيشت کي بهتر ڪرڻ ۾ مددگار به نه آهي ته پوءِ ان کي اقتدار ۾ ڇو رکيو وڃي؟ گهٽ ۾ گهٽ ان کي گهر موڪلڻ سان ناپسنديده چهرا هٽائڻ تي ڪجهه “پوائنٽس” ملي سگهن ٿا. البته هي هڪ انتهائي قدم هوندو.
جيڪڏهن جمهوري ڏيک برقرار رکڻو آهي ته شهباز شريف جهڙا لچڪدار ۽ فراخ دل ماڻهو ۽ سياستدان گهٽ آهن. سندس بدترين نقادن تائين هن ڳالهه کان انڪار نٿا ڪري سگهن؛ نه ئي اهي جيڪي ٽيليويزن تي ويهي حڪومت ۽ پارليامينٽ جي بي اثريت تي شڪايتون ڪن ٿا.
هڪ ٻيو آپشن آهي ته سڄي سيٽ اپ بدران صرف ڪابينا ۾ ڪجهه تبديليون آنديون وڃن. واضح آهي ته پوءِ ڌيان انهن اهم وزارتن تي هوندو جيڪي معيشت سان ڳنڍيل آهن. اهو نوٽ ڪرڻ جهڙو آهي ته اقتصادي ٽيم جي هڪ اهم شخصيت بابت سرگوشيون وڌي رهيون آهن. حڪومت ۾ ٻين کان سندس الڳ رهڻ بابت ڪهاڻيون نيون ناهن، پر هاڻي آواز تيز ٿي رهيو آهي. مثال طور، تازو هڪ نسبتاً گهٽ مشهور پوڊڪاسٽ ۾ هڪ ‘صحافي’، جنهن کي اختيار وارن جي ويجهو سمجهيو وڃي ٿو، ڪافي منٽن تائين معيشت تي ڳالهايو، ۽ هن تحرير ۾ اڳ بيان ڪيل ڪيترن ئي نقطن کي ورجائڻ کان پوءِ هڪ ڪابينا ميمبر کي خاص طور نشانو بڻايو، سندس ڪارڪردگي ۽ آفيس جي ڪلاڪن دوران روين بابت سوال اٿاريا. اهي تبصرا نظرانداز ڪرڻ جهڙا نه آهن.
هاڻي سوال پڇيا پيا وڃن ته ڇا اهي تبصرا جذباتي اوج ۾ ڪري ڇڏيا ويا يا کين پنهنجي “ناپسنديءَ” جو علم ٿي ويو آهي. انٽرويو ڏيندڙ ايترو محتاط آهي جو اهڙي غلطي ڪرڻ مشڪل آهي. هن مهل پڪ سان اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو آهي، پر آخرڪار معيشت اقتدار واري صف جي ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي. اها رڳو وقت جي ڳالهه آهي.(نوٽ هي ڪالم اڄوڪي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان اسين پيش ڪريون ٿا. ادارو)










