ڇا دنيا ۾ اخلاقي جرئت آهي ته هو ڪشمير ۾ نسل ڪشي بند ڪرائي؟عمران

ڇا دنيا ۾ اخلاقي جرئت آهي ته هو ڪشمير ۾ نسل ڪشي بند ڪرائي؟عمران

اسلام آباد(اياز مهر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڇا عالمي برادري ۾ اخلاقي جرئت آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ ممڪنه قتل عام روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙو اظهار هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي. هوڏانهن سينئر صحافين سان ملاقات م ڳالهائيندي هن چيو ته اسين جنگ نٿا چاهيون پر جيڪڏهن ڀارت جنگ مسلط ڪئي ته وات ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مودي سرڪار ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. هڪٻئي ٽوئيٽ ۾ هن چيو آهي ته ڇا مودي سرڪار فوجي طاقت جي بنياد تي ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ روڪي ڇڏيندي، اها اڃا وڌيڪ زور پڪڙيندي. صحافين سان ڳالهه ٻولهه ۾ هن وڌيڪ چيو ته مودي سرڪار فاشسٽ آهي ۽ هٽلر واري سوچ رکي ٿي ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو