ڇا خصوصي بينچ قائم ڪرڻ جي رولز ۾ گنجائش آهي؟

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج مستر جستس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس پاران خصوصي بينچ قائم ڪرڻ بابت سوال اٿاريو آهي ڪهڙي قانون ۽ قاعدي هيٺ هي بينچ جوڙي وئي آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته ماضي ۾ خصوصي بينچ قائم ڪرن جي روايت رهي آهي پر هن معاملي بابت عدالت جي معاونت لاءِ بعد ۾ جواب ڏيندو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس قاضي جي سربراهي ۾ جيڪا بينچ جوڙي آهي ان م جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن. هن بينچ آڏو ميديڪل ڪاليجز ۾ داخلا وقت قرآن جي حافظ کي 20 ايڪسٽرا مارڪون ڏيڻ بابت ڪيس شامل آهي. 14 مهينا اڳ هن از خود نوٽيس واري ڪيس بابت جسٽس قاضي ڪجهه وقت اڳ چيو هو ته 20 ايڪسٽرا مارڪون ڪهڙي قانون هيٺ ڏئي سگهجن ٿيون. جنهن بعد دفاع جي وڪيلن اعتراض ڪيو هو ته جيڪو جج اڳ ۾ ئي سوال ٿو اٿاري اهو ڪيس ڪيئن ٻڌي سگهي ٿو. جسٽس قاضي چيو ته جيڪا 3 رڪني خصوصي بينچ جوڙي وئي آهي اهي مختلف بينچز ۾ اڳ ۾ ڪم ڪن پيا. عام طور تي 3 رڪني بينچ هوندي آهي، خصوصي بينچ ڇو بنائي وئي آهي. هن چيو ته عدليا ناقابل احتساب بڻيل آهي، پيمرا عدليا تي تنقيد کان ڇو پئي روڪي، ڇا پيمر پوليس اسٽيٽ آهي؟ هن چيو ته جيڪڏهن بطور جج مان غلط ڪم ڪريان ته مون تي تنقيد ڇونه ٿيڻ گهرجي؟ اسانکي وڏي خبرداري سان ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هڪڙا ڪيس داخل ٿيندي ئي ٻڌڻ لاءِ مقرر ٿين ٿا ڪجهه ڪيس مهينن جا مهينا نٿا ٻڌا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو