واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)چين ۾ نئين قمري سال جي موڪلن جي موقعي تي ڪورونا وائرس جي وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين ۾ صفر ڪورونا پاليسي ۾ نرمي ڪئي وئي آهي. رپورٽن مطابق چين 8 جنوري کان پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن لاءِ قرنطينه شرط ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب چين ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.ٻئي طرف صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته چين ۾ وائرس جي پکڙجڻ جي حقيقي حد کي گهٽ ٻڌايو پيو وڃي.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيترن ئي ملڪن کانپوءِ يونان، جرمني ۽ سويڊن به چين کان ايندڙ مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ جي شرط لاڳو ڪري ڇڏي آهي.










