بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين ۾ 80 سيڪڙو ۽ ڪيسن ۾ 72 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.چيني اختيارين موجب ڪورونا وائرس جي لهر ڊسمبر جي آخر ۽ جنوري جي شروعات کان گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي.چيني طبي اختيارين جو چوڻ آهي ته سومر تي چين ۾ ڪورونا وائرس سبب 896 ڄڻا فوت ٿي ويا.چيني طبي عملدارن ٻڌايو آهي ته تازو موت 79 جنوري کان 4 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي.چيني طبي اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته سومر تائين اسپتالن ۾ سخت ڪورونا جا ڪيس به گهٽجي 36 هزار ٿي ويا آهن.










