چين ۾ ميراٿن دوران تيز برسات21 ايٿليٽس اجل جو شڪار

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي صوبي گانسو ۾ ميراٿن ريس ۾ سخت برسات ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب 21 ايٿليٽس اجل جو شڪار ٿي ويا، خطرناڪ موسم ايٿيليٽس جي موت جو سبب بڻي. اولهندي صوبي گانسو ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب مٽي جون ڇپون ڪري پيون، ريس ۾ ريلو ۽ ريور اسٽون جي خوبصورت علائقي ۾ ميراٿن ڪرائي وئي، جنهن ۾ ايٿليٽس کي 100 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئه ڪرڻو هو.172 ايٿيلٽس ريس کٽڻ جَي ويجهو پهتا پر اوچتو موسم خراب ٿي وئي. ريس ۾ 21 ايٿليٽس اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 151 ايٿليٽس جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. ايٿليٽس لاءِ ويندڙ ريسڪو آپريشن ۾ 1200 ماڻهن حصو ورتو، جن مان ٿرمل ڊورنز، ريڊار، ڊيٽڊيڪر ۽ ڊوموليشن ايڪوئمپنٽ ذريعي ايٿليٽس کي سرچ ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو