بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي اتر اولهه ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 116 ٿي ويو آهي.چيني ميڊيا موجب ريسڪيو اهلڪارن پاران ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.چين ۾ رات دير سان آيل زلزلي جي شدت 6.2 رڪارڊ ڪئي وئي، اختيارين موجب گانسو ۽ چنگهائي صوبن ۾ زلزلو آيو،زلزلي جي گهرائي 35 ڪلوميٽر هئي ۽ ان جو مرڪز گانسو جي صوبائي گادي واري هنڌ لانزو کان 102 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو.چيني ميڊيا گانسو ۾ 105 ۽ چنگھائي صوبي ۾ 11 موت جي خبر ڏني.










