چين پاران 5 جي سيٽ لائيٽ انٽرنيٽ جي ڪامياب آزمائش

چين پاران 5 جي سيٽ لائيٽ انٽرنيٽ جي ڪامياب آزمائش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)چيني ماهرن سڄي دنيا کي پوئتي ڇڏي’5 جي‘ سيٽلائيٽ جي اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، جيڪا اسمارٽ فونز ذريعي سڌي ريت وڊيو ڪال جي سهولت فراهم ڪندي. چيني نيوز ويب سائيٽ موجب، آمريڪي ڪمپني اسپيس ايڪس جي مقابلي ۾ سيٽلائيٽ، براڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيل هڪ چيني ڪمپني فائيو جي سيٽلائيٽ جي نئين ٽيڪنالاجي جي ڪامياب آزمائش به ڪري چڪي آهي. چيني ماهرن هن نئين ٽيڪنالاجي کي “نان ٽيريسٽريل نيٽورڪ” (Non-Terrestrial Network – NTN) جو نالو ڏنو آهي، جيڪا عام اسمارٽ فونز کي ڪنهن به خاص هارڊويئر يا سافٽ ويئر جي ضرورت کان سواءِ وڊيو ڪالز جي سهولت مهيا ڪندي. ڄاڻايل 5 جي سيٽلائيٽ هڪ لحاظ کان انٽرنيٽ سگنلز جيان ڪم ڪندي، پر ان لاءِ موبائيل نيٽورڪ سگنلز جي ضرورت نه پوندي، ۽ اها نئين ٽيڪنالاجي انٽرنيٽ جو متبادل سمجهي پئي وڃي. هي ٽيڪنالاجي تيار ڪندڙ چيني ماهرن اعتراف ڪيو آهي ته ان ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي قانوني چئلينج درپيش آهن، ممڪن آهي ته آمريڪا ان تي پابنديون لاڳو ڪري، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ به ان کي قانوني پيچيدگين کي منهن ڏيڻو پوي.

پهنجو تبصرو موڪليو