اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي فل ڪورٽ اجلاس 28 آڪٽوبر تي 1 وڳي طلب ڪري ورتو، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس به 8 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي حلف برداري کانپوءِ ايندڙ هفتي لاءِ سپريم ڪورٽ جو روسٽر به جاري ڪيو ويو آهي، 28 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين بينچ جو روسٽر جاري ڪيو ويو آهي.پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت رجسٽرار روسٽر جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي 8 بينچ 28 آڪٽوبر کان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي










