چيف جسٽس يحييٰ آفريدي خلاف سڀئي شڪايتون رد

چيف جسٽس يحييٰ آفريدي خلاف سڀئي شڪايتون رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل چيف جسٽس سپريم ڪورٽ يحيٰ آفريدي خلاف سڀئي شڪايتون رد ڪري ڇڏيون آهن.پشاور، لاهور، ڪراچي ۽ وهاڙي جي ٻن وڪيلن ۽ ٽن شهرين چيف جسٽس يحيٰ آفريدي خلاف بدانتظامي جي الزامن تي پنج شڪايتون داخل ڪيون هيون.ڪالهه، سپريم ڪورٽ، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي 14 مئي جي اجلاس جي ڪارروائي جو خلاصو ميڊيا کي جاري ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس يحيٰ آفريدي خلاف پهرين شڪايت 2016 ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي هڪ وڪيل صبغت الله شاهه پاران داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هن تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج طور ايڊيشنل سيشن ججن جي مقرري جي عمل ۾ ميرٽ کي نظرانداز ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو. بهرحال، سپريم جوڊيشل ڪائونسل متفقه طور تي هن شڪايت کي رد ڪري ڇڏيو.ڪراچي جي رهواسي امجد حسين دراني پاران داخل ڪيل ٻي شڪايت ۾ چيف جسٽس تي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس کي ٻڌڻي کانسواءِ رد ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. ان کي به سپريم جوڊيشل ڪائونسل متفقه طور تي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو