چيف جسٽس نظريه ضرورت خلاف ڄمي بيٺو آهي: اعتزاز احسن

چيف جسٽس نظريه ضرورت خلاف ڄمي بيٺو آهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناليواري قانوندان بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال نظريه ضرورت خلاف ڄمي بيٺو آهي.اسلام آباد ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون آئين جي گهرج آهي، چيف جسٽس نظريه ضرورت خلاف ڄمي بيٺو آهي ۽ سندس ساٿي جج به آئين لاءِ ساڻس گڏ آهن.هن چيو ته ماضي ۾ ميان خاندان جي هڪ جج کي ڏنل ڊڪٽيشن رڪارڊ تي آهي، جسٽس منير جي وراثت نظريه ضرورت آهي، جنهن سبب مارشل لا لڳا.سندس موجب آئين چئي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايو، 91هين ڏينهن نگران حڪومت ختم ٿي ويندي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊون نه ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.اعتزاز احسن چيو ته جن کي سيڪيورٽي ڏيڻي آهي، اهي ئي چونڊون نه ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهن، پهريون ڀيرو ڏسي رهيا آهيون ته آئين تي عملدرآمد نه پيو ٿئي، رينجرز ته راڻا ثناءُ الله جي ماتحت آهي، هو ڪيئن رينجرز کي اجازت ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو