لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي فوري استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نواز شريف چيو ته عدالتون قوم کي بحرانن مان ڪڍنديون آهن، بحرانن ۾ نه وجهنديون آهن.هن چيو ته چيف جسٽس ڪهڙو اختيار استعمال ڪندي اڪثريتي فيصلي تي اقليتن جي راءِ کي مسلط ڪيو.نواز شريف اهو مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس جيڪو پي ٽي آءِ جي ايجنڊا کي فروغ ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي عهدي ۽ آئين جي توهين ڪري رهيو آهي، ان کي وڌيڪ تباهي جو سبب بڻائڻ بدران فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.










