اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) جڊيشل ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسرت هلالي کي سُپريم ڪورٽ جي جج مقرر ڪرڻ جي متفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس ٿيو.ذريعن موجب، جڊيشل ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسرت هلالي کي سُپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي متفقه منظوري ڇڏي ڇڏي.جسٽس مسرت هلالي خيبرپختونخوا مان سُپريم ڪورٽ جي جج بڻجندڙ پهرين عورت جج هوندي.صدر طرفان ان جي منظوري بعد سُپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 16 ٿي ويندو.










