چيف جسٽس جو نئون سيڪريٽري ۽ ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر

چيف جسٽس جو نئون سيڪريٽري ۽ ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجو نئون سيڪريٽري ۽ ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري محمد ياسين کي گريڊ 21 ۾ چيف جسٽس جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري محمد عارف کي 20 گريڊ ۾ چيف جسٽس جو ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي اسٽاف آفيسر کي به جلد مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو