چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو بي اعتمادي وارو خط واپس

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو بي اعتمادي وارو خط واپس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم خان سواتي جي پٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف بي اعتمادي جو خط واپس وٺي ڇڏيو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اعظم سواتي جو وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته اعظم سواتي جو پٽ عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ چاهي ٿو.اعظم سواتي جي پٽ چيو ته منهنجي والد خط لکيو هو، عدالت جي اجازت سان خط پڙهڻ چاهيان ٿو، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته خط عدالت آڏو آهي، هو ان معاملي کي هميشه لاءِ نبيرڻ چاهين ٿا، ان لاءِ وڏي بينچ جوڙي ويندي. جسٽس عامر فاروق وڌيڪ چيو ته خط ايندو آهي ته جج جانبدار آهي، اهڙي قسم جو خط عدالت کي نظر نه ٿو اچي.بابر اعواڻ چيو ته عدالت اڄ ئي معاملي کي ڏسندي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اڄ لارجر بينچ جوڙڻ ممڪن ناهي.بابر اعواڻ چيو ته مون اعظم سواتي جي پٽ کي خط واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي.اعظم سواتي جي پٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي بي اعتمادي وارو خط واپس وٺي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو