اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم جوڊيشل ڪونسل پنهنجو فيصلو عوام آڏو آڻي ڇڏيو جنهن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين 2 ميمبرن خلاف داخل ڪيل شڪايتون رد ڪيون ويون آهن.جاري ڪيل پڌرائي موجب سپريم جوڊيشل ڪونسل اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ 2 ميمبرن جي خلاف داخل ڪيل 3 ڌار ڌار شڪايتون رد ڪري ڇڏيون آهن.سپريم جوڊيل ڪونسل جا 8 نومبر ۽ 13 ڊسمبر 2024 تي اجلاس ٿيا هئا، اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه ۽ اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن نثار احمد دراني ۽ شاهه محمد جتوئي جي خلاف شڪايتن جو جائزو وٺي رد ڪيو ويو.پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته داخل ڪيل 3 ڌار ڌار شڪايتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ شڪايتن کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ به شڪايت سپريم جوڊيشل ڪونسل ڏانهن اماڻي هئي.










