چيف اليڪشن ڪمشنر جي برطرفي لاءِ ريفرنس داخل

چيف اليڪشن ڪمشنر جي برطرفي لاءِ ريفرنس داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر جي برطرفي لاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعجاز چوڌري چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرايو آهي.اعجاز چوڌري چيو ته هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ ڪنهن به اداري قدم نه کنيو، قاسم سوري پي ٽي آءِ جون سموريون استعيفائون قبول ڪيون، اليڪشن ڪميشن انهن قبول ٿيل استعيفائن تي عمل ناهي ڪيو.هن چيو ته پي ڊي ايم جي اسپيڪر جي استعيفائن تي اليڪشن ڪميشن فوري طور تي ڪارروائي ڪئي، ريفرنس ۾ ليڪ ٿيل آڊيو جو ذڪر ڪيو ويو آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جو عمل تعصباڻو آهي، اليڪشن ڪمشنر سخت موسم باوجود ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي نه ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو