چيئرمين طرفان تذليل جو نشانوبڻايل عورت انصاف لاءِ دربدر

ملير(دريا خان شر) بن قاسم ٽائون جي يوسي23 جو چيئرمين چوڌري فضل الحق پنهنجي آفيس ۾ عورت تي هٿ پير ٻڌي تشدد ڪيو،ان واقعي کانپوءِ عورت شمائلا بانو سان انصاف نه ٿي سگهيو، متاثر عورت تدارڪ لاءِ دربدر بڻيل،  سنڌيار سان ڳالهائيندي شمائلا بانو جو چوڻ آهي ته فضل الحق با اثر شخص آهي انڪري ڪو به ادارو هن خلاف ڪاروائي نه ٿو ڪري جنهن سبب هوءَ در در انصاف لاءِ وانجهائي رهي آهي. هن ٻڌايو ته يوسي 23 جي چيئرمين ڪجهه عرصو اڳ مون سان زبردستي شادي ڪئي هئي ۽ ڪجهه وقت گذرڻ بعد مونکي گهران ڪڍڻ جي لاءِ مون مٿان مبينا ڪوڙو چوري جو الزام مڙهي جان ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير ٻڌي سخت  تشدد ڪيو ۽ تذليل جو نشانو به بڻايو جڏهن ته وقتن به وقتن ڪافي ڀيرا مون تي تشدد به ڪندو رهيو هو جيڪا انساني حقن جي خلاف ورزي آهي،اهڙي عمل سان هن انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا هئا انڪري آءُ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پوليس ۾ رپورٽ درج ڪرائي هئي،جنهن کانپوءِ هيئنر با اثر يوسي چيئرمين طرفان پوليس معرفت منهنجي مٽن مائٽن تي دٻاءُ وجهرائڻ لاءِ معاملي کي راڄوڻي طريقي سان حل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، متاثر عورت احتجاج ڪندي اعلي عدالت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن ادارن کان گهر ڪئي آهي ته کيس جان جو خطرو آهي انڪري سندس تذليل ڪندڙ بااثر يوسي چيئرمين کي گرفتار ڪري مون کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو