اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي مراعتن واري بل جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر کي مراعتون ملڻ گهرجن. ان سان ڪهڙو مسئلو آهي؟ هن چيو ته جيڪڏهن ٻين کي مراعتون مليون ته ڪو اعتراض ناهي ڇو ته توهان وٽ انهن تائين رسائي ناهي.خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ سڀ کان وڏو فورم آهي، چيئرمين ۽ اسپيڪر کي مراعتن تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.هن اهو به چيو ته مون کي 35 سالن ۾ اڄ تائين ٽرانسپورٽ الائونس (ٽي اي)، مهانگائي الائونس (ڊي اي) ۽ مفت دوائون نه مليون آهن.حڪمران اتحاد ۾ اختلافن بابت ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ ڪو به اختلاف ناهي.










