لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي ننڍي ڀاءُ چوڌري وجاهت جي پٽ حسين الاهي مسلم ليگ (ق) کي ڇڏي ڏنو آهي.ذريعن موجب چوڌري حسين الاهي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته مان پنهنجي سياسي سفر جي پڄاڻي مسلم ليگ (ق) سان ڪري رهيو آهيان، هميشه چيو ويو آهي ته منهنجي لاءِ پهريون ملڪ منهنجو آهي.هن چيو ته هو ان پارٽي ۾ نه ٿو رهي سگهي جيڪا شهباز شريف جي حمايت ڪري ٿي. حسين الاهي چيو ته هو مستقبل جي سياست جو فيصلو مونس الاهي سان ڪندو.










