چوڌري شجاعت نواز شريف کي اڃا پاڪستان نه اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

چوڌري شجاعت نواز شريف کي اڃا پاڪستان نه اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته نواز شريف پاڪستان نه اچي، حالتون بهتر ٿيڻ جو انتظار ڪيو.چوڌري شجاعت حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اها ڳالهه مان اڳ به نواز شريف کي چئي چڪو آهيان ۽ اڄ به چوان ٿو ته هو اڃا پاڪستان نه آيو آهي.نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته عمران خان کي هن وقت امن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته مان وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي به چوندس ته صبر کان ڪم وٺن.ق ليگ سربراهه چيو ته پرويز الاهي ذميوار آهي پر سڀني کي سمجهڻ گهرجي، معاملي کي اڳتي وڌائڻ بدران ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو