لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چوڌري شجاعت حسين جي گهر تي پوليس ڇاپي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پوليس پرويز الاهي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي ۽ چوڌري شجاعت حسين جي گهر تي ڇاپو هنيو، جيڪو افسوسناڪ واقعو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پوليس ڪارروائي ۾ چوڌري سالڪ حسين زخمي ٿيو، مسئلو جيڪو به هجي قانون کي پنهنجو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي به چيو آهي ته هو مديني ۾ موجود پوليس آپريشن جا تفصيل حاصل ڪري رهيو آهي، ڪنهن کي به غير قانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.










